اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ??لر??مان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولانا فضل ??لر??مان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل ??لر??مان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل ??لر??مان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل ??لر??مان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور ??عا??ن ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت ??ڻ ڪئي.