اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئين ۽ قومي اسيمب??ي جي قاعدن ۽ ضابطن موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندس. قومي اسيمبلي ۾ ريمارڪس ڏيندي هن چيو ته هن ايوان جي روايت ??هي آهي ته جڏهن به ڪو ميمبر لاڏاڻو ڪري وڃي ته پهرين ڏينهن اجلاس بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويند?? آهي، اها روايت هاڻي کان نه پر ڊگهي عرصي کان جاري آهي، هن وقت تائين 24 ميمبرن جي لاڏاڻي تي هن ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئُون آئين ۽ قومي اسيمب??ي جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪارروائي هلائيندس.