اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن ج??هن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي م??قع?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سياحت جي شعبي ۾ امڪا??ن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ م??قع?? مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان م??قع?? تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي با??ي ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.