لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تمام جلد ملڪ ۾ ڊيجيٽل انقلاب ايندو، اسان جو ميڊيا ريگيوليٽري سسٽم پراڻو آهي، ميڊيا ۾ نئين ايندڙن جي تربيت ضروري آهي، اهڙا ميڊيا قانون هجڻ گهرجن جو ڪير ا?? کي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال نه ڪري سگهي، صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي عزت پائمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، سمورن ادار?? کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت مثبت صحافت جي فروغ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده دور ڊيجيٽلائيزيشن جو آهي جنهن ۾ ميديا جي اهمي?? ڪرنگهي جي هڏي وانگر آهي. هن چيو ته موجوده دور هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جو نه پر ميڊيا وار جو دور آهي، ڀار?? نور مقدم ڪيس تي وڊيو تيار ڪري پاڪستا?? کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسا?? کي پنهنجي ميڊيا قانونن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رپورٽر کي واقعي جي رپورٽ ڪرڻ وقت مڪمل طور تي غيرجانبدار هجڻ گهرجي ته جيئن خبر جي اصل حقيقت ختم نه ٿئي، ان جي لاءِ تربيت ضروري آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جا اڪثر رپورٽرز پنهنجو پاڻ کي تجربيڪار سمجهڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهي هر خبر کي پنهنجي انداز سان پيش ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو مثبت صحافت جي لاءِ موزون نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قانون ڪنهن شخص جي تذليل جي اجازت نه ٿو ڏي، صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي عزت پائمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي هڪ عورت قومي اسيمبلي ميمبر تي انتهائي شرمناڪ انداز ۾ صحافت جي آڙ ۾ ڪيچڙ اڇاليو ويو، ڪو مهذب معاشرو اهڙي قسم جي الزام بازي جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته هاڻي اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اهڙي قسم جو فعل ڪندڙ?? کي صرف لک رپيا ڏنڊ ادا ڪري ڇڏيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اهڙي قسم جي واقعن تي ضابطو نه آندو ويو ته هتي جنگل جو قانون بڻجي ويندو. هن چيو ته هڪ مقامي اخ??ار پشاور واقعي کي مذهبي فرقيواريت جو رنگ ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جنه?? کي صحافت جي آزادي نه ٿو چئي سگهجي، اهڙن معامل?? کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ٻين جي پڳڙي اڇالڻ جي واقع?? کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ صحافت کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ”پيڪا“ قانون متعارف ڪرايو پر بدقسمتي سان ان تي اعتراض اٿاريا ويا. هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جا اخ??يار عدليه کي منتقل نه ٿا ڪري سگهجن اهو رڳو پارليامينٽ ۽ حڪومت جو اخ??يار آهي، اعليٰ عدالت?? کي گهرجي ته پارليامينٽ جي پاس ڪيل قانونن تي غور ڪن يا ا?? کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه جي فل ڪورٽ بئنچ جوڙي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ان ڳالهه سان مڪمل اتفاق ڪريون ٿا ته ميڊيا قانون اهڙا نه هجڻ گهرجن ج?? کي ڪا به حڪومت ٻانهن مڙوڙڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي، حڪومت ڪوشش ڪئي پيمرا ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو ميڊيا پاران چونڊيا وڃن ۽ 50 سيڪڙو حڪومت جي نمائندگي هجي ته جيئن جلد انصاف مهيا ڪري سگهجي پر ان ڪوشش کي به سياست جي ور چارهيو ويو. هن چيو ته مخالف ڌر سياسي مفادن جي لاءِ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون ۽ ا?? کي لاڳو ٿيڻ نه ڏنو ويو. چوڌري فواد حسين چيو ته عالمي معيار تي پورو لهڻ جي لاءِ ميڊيا ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت مثبت صحافت جي فروغ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، نئين صحافي?? کي صحافت ۾ تمام گهڻا چئلينجز درپيش هوندا ج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سمورن پريس ڪلبز ۾ ڊيجيٽل اسٽوڊيوز قائم ڪري رهي آهي ته جيئن نئين صحافي?? کي درپيش چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري سگهجي. ميڊيا ٽرينگ ورڪشاپ ۾ سينيئر اينڪر سهيل وڙائچ، سينيئر اينڪر اينڊ اينالسٽ ارشاد عارف، چيئرپرسن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر پنجاب يونيورسٽي سويرا شامي، عمر فاروقي، نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين منير احمد خان ۽ امجد پرويز ملڪ شرڪت ڪئي. بعد ۾ صحافي?? کي ڊيجيٽل ميديا بابت ٽريننگ ڏني وئي.