اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آه??، سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگ??ر ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فراهمي جي لاءِ اقتصادي پاليسي جوڙي وئي آه??. صدر عارف علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آزاداڻي سيڙپڪاري جو نظام متعارف ڪرايو آه?? ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪاروب??ر ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آه??، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪاري دوست پاليسي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آه??. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن جي مهارتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فراهم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ته ان جو اهم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آه??، فورم واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه?? جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ گهڻو ضروري آه??. وفد مڪ ۾ ڪاروب??ر ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صد?? کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صد?? کين سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.