اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي صدر گوٽابايا راجا پاڪسي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سيالڪوٽ ۾ پريانٿا ديا وادنا جي ڪڌي قتل تي قوم ۾ موجود ڏک ۽ ندامت کان آگاهه ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هن سريلنڪ?? صدر گوٽابايا راجا پاڪسي سان گڏيل عرب اماراتن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ?? کيس آگاهه ڪيو ته سئو کان وڌيڪ ماڻهو گ??فت??ر ڪيا ويا آهن ۽ اهو يقين ڏياريو ته انهن کي قانون تحت سختي سان منهن ڏنو ويندو.