اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪ??يٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪ??يٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ??يمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ ٻاهرئين ??يڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪ??پنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏن??. آ??ريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران فرا??م ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ ا??تح??ام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪ??يٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين ??هرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فرا??م ڪيل ڀرپور معاونت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آمريڪين ??ي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.