اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ قانونسازي، س??اس?? صورتحال ۽ پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد فيض الحسن، حاجي امتياز احمد چوڌري، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي، سرد??ر طالب نڪئي، راڻا محمد قاسم نون، ذوالفقار علي خان، چوڌري عامر سلطان چيما، مهر غلام محمد لالي، نواب شير وسي??، صداقت علي عباسي، راءِ محمد مرتضيٰ، امجد علي خان ۽ عبدالغفار وٽو شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي ڪابي??ا جا ميمبر پڻ موجود هئا.