اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين م??مد صادق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ??ينيٽ چ??ئر??ين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چ??ئر??ين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فر??هم?? جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا م??مد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.