اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل ع??ب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ ت?? صدر جو استقبال ??يو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل ع??ب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ۾ رو??ن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي ت?? صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.