ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحو??يا?? جي ع??لم?? ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحو??يا??ي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي ع??لم?? ڏهاڙي جو موضوع ”ماحو??يا??ي نظام جي بحالي“ آهي جنهن جي پوري انسانيت فڪرمند آهي، ماحو??يا??ي نظام جي بحالي مان مراد اهو آهي ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماحو??يا??ي نظام جي بحالي هڪ گڏيل ع??لم?? ذميداري آهي جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، پاڪ بحريه ماحول جو ع??لم?? ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم جي اظهار سان ماحو??يا?? بابگ آگاهي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ بحريه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ بحريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحو??يا??ي نظامن جي بحالي جي قدمن جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ بحريه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آهن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، پاڪ بحريه محفوظ بحري ماحول ۽ صاف سٿري سمنڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحو??يا?? جي ع??لم?? ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ بحريه جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.