اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قو??ن جي ماحوليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سا?? ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ميزباني ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ??لهايو ويندو. پاڪستان کي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي ميزباني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ماحول جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ج?? منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سا?? ڪردار کي تسليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سا?? ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان سا?? ملهائيندي قدرت سا?? پنهنجي تعلق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قو??ن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني سا?? پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سا?? قو??ي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به ميسر ايندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سا?? سرگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن ج?? مناسبت سا?? اعليٰ سطح جي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سا??ن جي دوران موسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين ج?? منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سا??ونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سا?? ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.