مري – 23 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ تعليم عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آ??ي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقام بنائينداسين، سياحت جي فروغ سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪري سگهون ٿا، سياحت جي آ??دني مان اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سان غير مسلم به اڳتي نڪري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وز??ر عثمان بوزدار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي به خطاب ڪيو. وز??راعظم چيو ته صداقت عباسي جي تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، وڏي وز??ر کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپيا خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي اهو عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايتري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا هتي جي آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته هاڻي هتي 380 ڪينال تي جنرل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت عباسي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آ??ي ته انهن جي صحت ۽ تعليم جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن تعليم وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ٿيندي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ڪري بهتر ڪمائي ڪري سگهن ٿا، وز??راعظم چيو ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سان سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳتي جو ??وچ??ندي آ??ي اها عظيم قوم بڻجندي آ??ي، مڪه ۾ ق??دي?? کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي تعليم ڏيڻ سان مشروط ڪئي وئي ان سان تعليم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وز??راعظم چيو ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آ??ي جيڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته ايتري آ??دني ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهون ٿا.