اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپ??رٽ?? پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به ??ينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به ??هو ئي آهي ته ڪنهن پ??رٽ?? يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران م??ڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ??اڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پ??رٽ?? جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.