غزه-02 جنوري (اي پي پي) ??زه ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمه بستي تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ ??زه جي پوليس چيف سميت 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ??زه جي سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بسال ٻُڌايو ته قابض اسرائيلي فوج رات دير ??ان ??زه پٽي جي شهر خان يونس جي علائقي المواسي ۾ خيمه بستي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻُڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ پوليس چيف محمود صلاح ۽ سندس نائب ح??ام شاهوان به شامل آهي. هڪ ڌار بيان ۾ ??زه جي گهرو وزارت 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت ڪئي آهي. وزارت وڌيڪ چيو ته پوليس ??ورس هڪ سول پروٽيڪشن فورس آهي جيڪا شهرين کي خدمتن فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.