اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن جي روڪٿام جو عالمي ڏھاڙو 9 ڊسمبر تي ملھايو ويندو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد سڄي دنيا مان ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان ??وام ۾ جاڳرتا ۽ معاشري تي ڪرپشن جي خراب اثرن سبب آگاھي پيدا ڪرڻ آھي. پھريون ورلڊ اينٽي ڪرپشن ڊي 9 ڊسمبر 2004ع تي ميڪسيڪو ۾ ملھايو ويو ھو جنھن کانپوءِ ھر سال ڪرپشن خلاف جنگ جي عزم جي نئين سر تجديد ل??ءِ سڄي دنيا ۾ اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي ته جيئن معاشري کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي عزم کي ھٿي ڏيڻ سان گڏو گڏ ڪرپشن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائي سگھجي. ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان ??رڪاري، خانگي ۽ فلاحي اد??رن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون، پروگرام ۽ واڪ منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ۽ مواد شايع پڻ ڪيو ويندو.