اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انص??ف بار بار احتجاج جو سڏ اهڙي وقت ۽ انهن ڏينهن تي ڏئي ڇو ٿي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هُونديُون آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب محمد اس??اق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي احتجاج، ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل ساز?? ۽ ??اند آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀلي اهو 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ جي لاءِ ملڪي سربراهن جي آمد هجي يا بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو جنهن جي لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون اسلام آباد پهچي ويون آهن. هن چيو ته خدارا پنهنجي گندي سياست کي پاڪستان تي اهميت نه ??يو.