باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گليشيئرز جي تحف?? جي لاءِ سنجيده، ٺـوس ۽ موثر قدمن جي ضرور?? کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي بقاءَ گليشيئرز جي تحفظ سان مشروط آهي، گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائي تعاون جي تمام گهڻي اهميت آهي، پائيدار بنيادن تي گليشيئرز جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽ?? شيئرنگ ۽ معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحي?? کي مستحڪم بڻائڻو پوندو، پاڪستان ان ڏس ۾ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. تاجڪستان جي ميزباني ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت قدمن جي لاءِ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته تاجڪستان جي صدر پاران ان اهم اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ شريڪ وفد دنيا خاص طور تي هن خطي ۾ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز جي خاتمي لاءِ پنهنجو موثر حصو وجهي رهيا آهن. وزيرا??ظم چيو ته گليشيئرز جي تحف?? جي عالمي سال جي موقعي تي هڪ واضح پيغام وڃڻ گهرجي ته گليشيئرز جي منتقلي بدران ان جي پگهڙڻ کي گهٽ ڪرڻ، وائٽل ايڪو سسٽم جي تحفظ ۽ مستقبل جي لاءِ پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻو آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان وڏي پئماني تي گليشيئرز جو گهر آهي، انهن وسيع ذخيرن جي نقصانن جي روڪٿام اسان جي لاءِ لازمي آهي. وزيرا??ظم چيو ته گليشيئرز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جي لاءِ لائيف لائين آهن، انهن گليشيئرز سان دنيا کي 70 سيڪڙو تازو پاڻي ملي ٿو، پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن جنهن مان سنڌو درياءَ جو 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي دستياب هوندو اهي ۽ پاڪستان جي زراعت جو 90 سيڪڙو پاڻي هتي ميسر اچي ٿو ۽ 20 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، 1960ع جي مقابلي ۾ گليشيئرز ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ان جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيزي سان پگهڙجندڙ انهن گليشيئرز سان پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ڍنڍون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، انهن مان 33 کان ٻوڏ جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي انگ ۾ زندگين کي خطرو آهي، اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ۽ فوري ڪارروائي جي گهرجائو آهي. هن چيو ته ”گليشيئرز 2025ع: قدم“ ان بحران طرف عالمي ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ هڪ منفرد ڪوشش آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته انهن لائيف سورسز کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ علائقائي تعاون اهم آهي ۽ انهن ذريعن کي برف جي پگهڙڻ کان روڪڻ تمام ضروري اهي، ان حوالي سان ڊيٽ?? شيئرنگ ۽ گليشيئرز جي معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحي?? کي مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان کي گليشيئرز مانيٽرنگ پروگرام، ارلي وارننگ سسٽم، پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي متبادل حل سميت ٻين قدمن جي لاءِ گهربل امداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان انهن قدرتي وسيلن جي تحف?? جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، گليشيئرز، ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن ۽ دُنيا جي مستقبل جي تحف?? جي لاءِ سمورن ملڪن کي متحد ٿي ٺوس قدم کڻڻا پوندا.