اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقبال ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيل تق??يب ۾ اسٽيج تي وڃي ٻارن کي ساراهيو ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ اقبال ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيل تق??يب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي زندگي جي حالتن ۽ فڪر تي ??ڌل خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. تق??يب ۾ ناليواري گلوڪار شهزاد راءِ ۽ گلوڪاره ڊاڪٽر معصومه انور ڪلام اقبال پيش ڪيو. ننڍڙن ٻارن علامه اقبال جو دعائيه ڪلام پيش ڪيو. ان مو??عي تي وزيراعظم اسٽيج تي وڃي انهن ٻارن کي ساراهيو ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي.