شيخوپوره-15 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري و??اق?? وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته سمورا مذهب احترام لائق آهن، پاڪستان حڪومت مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ آهي، ايويڪيو ٽرسٽ ج?? مذهبي اقليتن لاءِ خدمتون تعريف جوڳيون آهن. ياترين جي مهمان نوازي اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان انجام ڏيندا رهنداسين. بابا گرونانڪ ديوجي جي انسانيت لاءِ تعليم فخر جوڳي آهي. هن چيو ته اقيلتن جي مذهبي عبادتگاهن جي تعمير ۽ رنگ روغن جاري آهي. گورو دواره ڀ??ئي ڪرم سنگهه، گورو دواره ڀ??ئي جوگا سنگهه سميت ٻين گردوارن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان اقليتن لا??ِ محفوظ ملڪ آهي اسان امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاءُ الرحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سک قوم کي جنم ڏڻ جون مبارڪون هجن.هن چيو ته اسان ڀارت ما?? آيل ياترين کي دل جي گهرائين سان پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا ۽ و??اق?? حڪومت جي خاص هدايتن جي روشنيءَ ۾ اقليتن جي فلاح ۽ بهبود ۽ سڄي دنيا ما?? آيل سک ياترين جي مهمان نوازي ۽ سارسنڀال لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ 100 ڪمرن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ياترين کي ميڊيڪل ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪرتارپور ۾ 5 هزار ياترين جو انتظام آهي جڏهن ته ايندڙ ياترين جو انگن تمام گهٽ آهي. ما?? ڀارت سميت سڄي دنيا ما?? ايندڙ سک ياترين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪرتارپور ۾ وڌ کان وڌ اچن ۽ گردوارن کي آباد ڪن. ياتري پاڪستان ما?? پيار محبت جو پيغام کڻي ويندا.