اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چي?? آهي ته گڏيل قومون ۽ ا?? جي ذيلي تنظيمن جو پاڪستان ۾ اهم ڪردار آهي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير سان گڏيل قوم?? جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جو نمائندو گيئرٽو نسٽول به مو??ود هو. قيصر احمد شيخ ٻنهي مهمان?? جي سامونڊي معاملن واري وزارت آمد تي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته گڏيل قوم?? جي عالمي سامونڊي تنظيم ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن پاڪستا?? جي ميري ٽائم سيڪٽر جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان حوالي سان سيپٽمبر ۾ اسان انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ?? عالمي بحري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي ۽ اتي ميري ٽائم انڊسٽري جي بهتريءَ لاءِ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل قوم?? جي ترقياتي پروگرامن تحت پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستا?? جي ميري ٽائم انڊسٽري ماحول دوست ماڊل ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان م??صد لاءِ اسان ايڪو ڪلچر ۽ـ هائبرڊ ويسلز ۽ روٽ آپٽيمائزيشن ۽ ڊجيٽلائزيشن تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون ايس ڊي جيز تي توجهه ڏئي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اسان کي سموگ ۽ ٻي قسم جي آلودگي کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهي?? آهي ۽ـ اسان پنهنجي ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس کي بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ پورهيت?? جي حقن بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ليبر ڪورٽس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير تسليم ڪيو ته اُسرندڙ ملڪ طور اسان وٽ پورهيت?? جي حقن جا مسئلا مو??ود آهن. هن چيو ته سموريون صوبائي حڪومتون انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيون آهن. وفاقي 22ع جي ٻوڏ ۾ يو اين آر سي جي آفيس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان دوران 33 ملين ماڻهو بيگهر ٿيا جنهن ۾ يو اين آر سي فنڊنگ ذريعي پڻ اسا?? جي مدد ڪئي ۽ رضاڪار به فراهم ڪيا.