فيصل آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ ف??ج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي پاسداري ڪندي پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي تي قربان ڪيو، قوم کي پاڪ ف??ج جي قربانين تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن و??م ۾ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جي فيصل آباد ۾ اباڻي گهر وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن و??رو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر طلال چوڌري به وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ ف??ج جا شهيد مون سميت سڄي قوم جو فخر آهن، پاڪ ف??ج جا شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن. ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ ف??ج جي آفيسرن ۽ جوانن جون ق??بانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي سدائين ق??ضي رهندي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون آهن. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمنن جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن اسان جي سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪيو. وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي هن پاسداري ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي علائقي اسپن و??م ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جي موقعي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو هو، ان سان گڏ پاڪ ف??ج جي 5 نوجوانن به شهادت ماڻي هئي. جڏهن ته 6 دهشتگرد جهنم واصل ٿيا.