اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻو??هه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ا??ڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين پاران استقبال جي تصويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس م??اط?? ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مستقبل روشن ڪريون.