اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي ??دارت هيٺ تعليمي ٽاسڪ فورس جو پهريون ??جلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، تع??يم واري وزارت، يونيسيف، يو اين ڊي پي، ايف سي ڊي او، يونيسڪو، ورلڊ بئنڪ، اي ڊي بي، ملاله فنڊ?? آءِ ٽي اي ۽ غلام اسحاق خان يونيورسٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان جي ??عليمي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايجوڪيشن انڊيڪس جي ??پورٽ اسان کي باور ڪرائي ٿي ته اسان کي تعليمي شعبي ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته تع??يم جي ??رح فقط 60 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان لاءِ الميو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ناهي پر کين تعليمي سهولتون ??ه فراهم ڪرڻ آهي، هر ٻار کي بنيادي ڪمپيوٽي ۽ جديد فني تع??يم سان ليس ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جديد گهرجن موجب ليبارٽرين جو قيام به اڻٽر آهي. احسن اقبال استادن جي ??ربيت کي اهم چئلينج قرار ڏيندي چيو ته استادن کي بهتر تربيت بنا تعليمي سڌارا ممڪن ناهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هر ماڻهو اعليٰ تعليمي يافته پي ايڇ ڊي جي ميدان تائين نٿو پهچي، ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي شروعاتي تع??يم سان گڏوگڏ جديد ۽ فني مهارتون ??ه سيکاريون وڃن ته جيئن هو عملي زندگيءَ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي. احسن اقبال چيو ته 2010ع ۾ 18هين ترميم کانپوءِ تع??يم جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب تعليمي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن تع??يم سان گڏوگڏ صحت ۽ انساني وسيلن تي به ڌيان ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس، ٽي بي، ذيابيطس ۽ پوليو جي ڪيسن ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو اسان لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. وفاقي وزير اجلاس ۾ موجود سمورن اسٽيڪ هولڊز ۽ عالمي شراڪتدارن جي ??دمتن کي ساراهيندي چيو ته تع??يم ۽ صحت جي ??عبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت صوبن کي انهن بنيادي مسئلن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي پر صوبائي حڪومتن سان گڏجي ??ع??يم ۽ صحت جي ??عبن ۾ عملي قدم کڻندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ??رقيءَ جو دارومدار سڌارن، استحڪام ۽ پاليسين جي ??سلسل تي هوندو آهي. ڪوبه معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو استحڪام جي ??صولن تي عمل نه ڪري. هن پڄاڻي تي چيو ته اڄ کان 24 سالن کانپوءِ جڏهن اسان پنهنجي ??زاديءَ جا 100 سال مڪمل ڪري رهيا هونداسين، اسان کي اهو سوچڻو آهي ته اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ايندڙ سالن ۾ اسان ڪٿي بيهڻ چاهيون ٿا.