اسلام آباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ??يل?? روس سان واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ نين منڊين جي ڳولها ضروري آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ??يل?? روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ??يل?? روس وچ ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن، ??يل?? روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار ک?? هٿي وٺرائي ??يندي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ – ??يل?? روس جوائنٽ منسٽريل ڪميشن جي ستين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کان پهرين وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان ??يل?? روس جي وفد جي آجيان ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪ – ??يل?? روس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي سهڪار جو اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۽ ??يل?? روس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، هن چيو ته پاڪستان جا ??يل?? روس سان مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. گذريل مالي سال ۾ پاڪ – ??يل?? روس واپاري ڳاڻيٽو 34.88 ملين ڊالر هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ – ??يل?? روس گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جو ڇهون اجلاس جلد منعقد ٿيندو. هن سيڙپڪاري ک?? هٿي وٺرائڻ لاءِ ??يل?? روس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ??يل?? روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، زرعي مڪينائيزيشن جي شعبي ۾ ??يل?? روس جي مهارت پاڪستان لاءِ فائديمند هوندي. ڄام ڪمال خان وڌيڪ چيوته صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ??يل?? روس وچ ۾ سهڪار جا وسيعا موقعا موجود آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. پاڪ – ??يل?? روس لاڳاپن ۾ عوامي سط?? تي رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته ??يل?? روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار ک?? هٿي وٺرائي ??يندي. ??يل?? روس سان گڏيل صنعتي منصوبن ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. وفاقي وزير ??يل?? روس سان زرعي مصنوعات جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته ??يل?? روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي صنعتي ترقي ڏانهن اڳڀرائي ڪئي ??يندي. ڄام ڪمال خان چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ??يل?? روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. ??يل?? روس سان سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ??يل?? روس جي توانائي ??اري وزير اليڪسي ڪوشنرينڪڪا به جوائنٽ منسٽريل ڪميشن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته هي اجلاس پاڪستان ۽ ??يل?? روس جي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪندو، پاڪسان ۽ ??يل?? روس وچ ۾ ڊگهي وقت کان لاڳاپا قائم آهن ۽ ??يل?? روس پاڪستان کي پنهنجو هڪ اهم واپاري شراڪتدار سمجهي ٿو. هن چيو ته هي اجلاس ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ اسان جا معاهدا پنهنجا هدف حاصل ڪندا. هن چيو ته ??يل?? روس ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان سان گڏ پنهنجي واپاري شراڪتداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان سان گڏيل فائديمند شراڪتداري جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي صلاحيت تي يقين جو اظهار ڪندي چيو ته باقاعده سياسي ڳالهيون اسان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. اليڪسي ڪوشنرينڪڪا چيو ته ??يل?? روس پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪندو، اقتصادي خوشحالي لاءِ علائقائي رابطا تمام ضروري آهن، اسان پاڪستان ۾ نوجوانن جي قيادت هيٺ وڌيڪ منصوبن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين.