اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفار??خا??و چين ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان رابطي ۾ آهي. جا??ي ڪيل بيان ۾ هن چيو ته چين مان ميت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپورٽيشن لاءِ ميت کي محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابوت ذريعي منتقل ڪرڻ سميت ٻيا قدم کنيا ويندا، جنهن کان پوءِ ميت کي ملڪ موڪليو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفار??خا??ي جي مداخلت تي انشورنس ڪمپني شاگردياڻي جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ۽ يونيورسٽي شاگردياڻي جي ميت جي منتقلي جي حوالي سان خرچ برداشت ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي.