اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پرڏيهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽيويٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اوورچڪ جو دورو وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن جي ٺوس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ويزن جي تعم??ل ۾ ٿي ر??يو آهي. روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. روسي نائب وزيراعظم پاڪستان جي دوري دوران صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو.