اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن چيو آهي ته عالمي اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال جي مقابلي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمب?? ملڪن وچ ۾ يڪجهتي ضروري آهي،پاڪستان ايس سي او ملڪن سان نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي اهميت رکندڙ آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي واپاري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين جي اسٽريٽجڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙو اظهار وفاقي وزير ايس سي او جي ميمب?? ملڪن جي اقتصادي معاملن ۽ واپار وارن وزيرن جي 23 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ميمب?? ملڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اجلاس جو مقصد ايس سي او جي ميمب?? ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن چيو ته تازن سالن دوران پاڪستان ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول جي بهتري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري سهولتن جي فراهمي لاءِ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وقت اسان پنهنجي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻ??ئڻ، ريگوليٽري فريم ورڪ جي بهتري ۽ واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايس سي او جو خطو دنيا جي تيز ترين ترقي ڪندڙ معيشت تي ٻڌل آهي جتي دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهندڙ آهي. اهو خطو واپار ۽ اقتصادي حصيداري لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پنهنجن ملڪن جي ترقي لاءِ واپار جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته واپار نه رڳو معاشي ترقي جو سبب بڻ??ي ٿو پر اهو مختلف ملڪن، خطن ۽ عوام وچ ۾ ٻطرفي سهڪار، امن ۽ استحڪام به پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي حيثيت رکندڙ آهي جيڪو واپار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن چيو ته اسان ايس سي او ريجن جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ميمب?? ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمب?? ملڪن سان قومي قانون ۽ پاليسين موجب واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او جي ميمب?? ملڪن جي گڏيل واپار جي گذريل سال جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ايس سي او جي ميمب?? ملڪن جو گڏيل آمدني واپار انهن جي مجموعي آمدني واپار جي 19 سيڪڙو جڏهن ته روانگي واپار مجموعي روانگي واپار جي 14 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. اهڙي طرح ايس سي او ميمب?? ملڪن جو مجموعي واپار جي تناسب ۾ ميمب?? ملڪن جي گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 16 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايس سي او جي ميمب?? ملڪن جي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته ايس سي او ريجن جي گڏيل رابطن کي هٿي ڏني وڃي ۽ انهن ملڪن جي گڏيل واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميمب?? ملڪن وچ ۾ انهن جي قانونن ۽ پاليسي تحت جدت تي ٻڌل ڪاروباري ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻ??ئي سگهجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مختلف اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايس سي او ميمب?? ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل يڪجهتي کي هٿي ڏين.