اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، ??ستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو قانون انگريز جي دؤر کان هلندو پيو وڃي، ??ڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، حڪومت جڏهن قانون آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي ??سي??بليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو ??نگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته هي بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪروڙ هئي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو ??ار آهي. گوهر علي خان چيو ته قاعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهجي، ??جن جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو ??ختيار آهي ۽ اهو حڪومتي بل ذريعي ممڪن آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ججن جي انگن جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ??سان جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو ??نگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبادي تي 12 ججن آهن، ججن جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، ??وبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ ججن جو ??نگ وڌائڻ جي تجويز آئي هئي، ??نهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو ??ضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ قانون شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 ??هينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان نه ڏسڻ گهرجي.