راولپنڊي-30 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي ف????سز بلوچستان ??ي 3 ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق 26 آگسٽ تي بلوچستان ??ي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي روشني ۾ سيڪيورٽي ف????سز 29 ۽ 30 آگسٽ تي بلوچستان ??ي ضلعن ڪيچ، پنجگور ۽ زوب ۾ انفارميشن بيسڊ آپريشن (آءِ بي او) ڪيو. ان ??پريشن دوران 5 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿيا. انهن علائقن ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي ل??ءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، هي آپريشن دهشتگردن جي سهولتڪارن جي خاتمي تائين جاري رهندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ??ي سيڪيورٽي ف????سز قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بلوچستان ??ي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ ل??ءِ پُرعزم آهي.