اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪر??يٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪر??يٽ اسٽيڊميز جي تياري جي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سنڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪر??يٽ جي بنيادي ڍانچي، تربيتي سهولتون بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪر??يٽ ٽيلينٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جو ڪر??يٽ ٽيلينٽ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن ??يو ته راندين ۽ ڪر??يٽ ليگز منعقد ڪرڻ سان راندين جي سياحت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد صدر کي سنڌ جي ڪر??يٽ ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪر??يٽ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ ۾ ليگ جي ڪردار بابت ٻڌايو. وفد سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن جي ڪاميابين بابت ٻڌايو ته نوجوان ٽيلينٽ جي تربيت جي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪيو ويندو. وفد صدر کي سنڌ پريميئر ليگ کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي سنڌ ۾ ڪر??يٽ جي حوصلا افزائي، فروغ جي لاءِ تعاون جي خاطري ??را??ي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪر??يٽ بورڊ کي سنڌ ۾ ڪر??يٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مدد جي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي وفد صدر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.