اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ منصوبي 2013ع ۾ پنهنجي ??روعات کانپوءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن سان هن وقت پا??ست??ن لاءِ مجموعي طور تي 25.4 بلين آمريڪي ڊالر جي ??ڌي ريت سيڙپڪاري آئي آهي، 236000 نوڪريون پيدا ٿيون آهن، 510 ڪلوميٽر شاهراهون، 8000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ۽ 886 ڪلوميٽر نيشنل ڪور ٽرانسميشن گرڊ جو اضافو ٿيو آهي. گوادر بندرگاهه، چر پر جي ??نيادي ڍانچي، توانائي ۽ صنعت تي ڌيان ڏيندي شروعاتي سهڪار جي ??رتيب کان وٺي ترقي، ماڻهن جي معاشي ذريعي، جدت، ماحول دوست ۽ کليل ”سي پيڪ جي ??پ گريڊڊ ورزن“ تائين، چين پا??ست??ن اقتصادي راهداري مستقبل ۾ پا??ست??ن لاءِ يقيني طور وڌيڪ وسيع تر ترقي جا موقعا فراهم ڪندي. اختيارين مطابق پا??ست??ن جي نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪيو ۽ ڌار ڌار ملاقاتون ڪ??ون?? چين ۽ پا??ست??ن وچ ۾ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، مختلف شعبن ۾ عملي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ??ين الاقوامي ۽ علائقائي معاملن تي وسيع اتفاق راءِ ڪيو. دوري دوران ڌرين مختلف شعبن ۾ سهڪار جي 23 دستاويزن تي صحيحيون ڪيون ۽ هڪ جامع گڏيل پڌرائي جاري ڪئي. چين پاڪ اقتصادي سهڪار وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ??وري جي پهرين ترجيع رهيو. پا??ست??ن اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ چيني ڪاروباري اداران جي ??مايت ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻ??هي ڌرين وچ ۾ صنعتي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چين پاڪ صنعتي سهڪار فريم ورڪ معاهدي جي ??يڪشن پلان تي صحيحيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻ??هي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي وڏي منصوبن جي ??والي سان ڌرين قراقرم شاهراهه جي ??ي روٽنگ منصوبي بابت فريم ورڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون ۽ ايم ايل ون کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي کي مرحلي وار هٿي ڏيڻ ۽ فنانسنگ ماڊل فعال طور تي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته گوادر پورٽ تي مددگار سهولتن جي ??عمير ۾ تيزي آندي وڃي. ڪسٽمز معائني جي ??نيادي ڍانچي جي ??پگريڊيشن ۽ خنجراب-سوست بندرگاهه جي مستقل آپريشن تي جلدي عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چين پن بجلي سميت صاف توانائي جي ٻين منصوبن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيني ڪاروباري ادارن کي همٿائيندو.