اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض عملدارن جي عهديدارن جي سربراهي ۾ سوين انتهاپسند آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه جي عوام جي خلاف جاري جنگ ۾ اسرائيلي قابض فوج 40 هزار ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. ترجمان چيو ته اسلام جي مقدس ترين جاين مان هڪ جي بي حرمتي ۽ عبادتگذارن جي حقن ۾ رڪاوٽ ??ڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪيلف پهچائي ٿي، اه?? حرڪت جنيوا ڪنوينشنز ۽ والاريل بيت المقدس جي ت??ريخي شهر جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلا?? ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسان والاريل بيت المقدس جي عرب ۽ اسلامي ڪردار کي ت??ديل ڪرڻ جي مقصد سان اسرائيلي قبضي جي پاليسين سان پيدا ٿيندڙ خطري بابت اسلامي ت??اون تنظيم جي خدشن جو اظهار ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اه?? والاريل بيت المقدس ۾ مقدس جاين جي تقدس جي خلاف انهن سنگين ۽ بار بار ٿيندڙ خلا?? ورزين کي ختم ڪرڻ، الاقصيٰ جي اسلامي تقدس جي حفاظت ۽ فلسطيني عوام جي عبادت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.