اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري نوجوانن جي قتل جي شدي?? مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قا??ض عملدارن جي اها وحشياڻي ڪارروائي ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي غيرقانوني ۽ جابراڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم ک??ي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قدم ک??ي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حلجي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.