اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 7 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس فلسطين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي درخواست تي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن فلسطين ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي خلاف جاري اسرائيلي ??ارحيت تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وڃي. بيان موجب فلسطيني ڪاز جي زبردست حامين مان هڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان سدائين او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمز تي پنهنجو آواز اٿارڻ ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرمعمولي ??جلاس ۾ نائب وزيراعظم غزه ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي جي خراب صورتحال تي پاڪستان جا سنجيده خدشا پيش ڪندو، هو امن جي فوري ضرورت ۽ غزه جي ماڻهن کي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين ميمبر م??ڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.