اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن اسان جي معاشي بقاءَ جو مسئلو آهي، سمورن پورٽس تي ڪسٽمز آپريشنز کي شفاف ۽ ڪرپشن فري بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا وڃن، صنعتن ۽ مصنوعات کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ انڊر انوائسنگ جو خاتمو ڪيو وڃي، ڪسٽمز ڊيوٽي جي ڀرپور نفاذ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ اوزارن ??و استعمال ڪيو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزي??اع??م پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ڪسٽمز ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ??عا??لن بابت اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي ??عا??لن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، قومي اسيمبلي ميمبر بئريسٽر عقيل ملڪ، ايف بي آر چيئرمين زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن ??رڪت ڪئي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته ڪسٽمز جو شعبو پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن اسان جي معاشي بقاءَ جو مسئلو آهي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ جاري سڌاراجاتي منصوبن جي ٿ??ڊ پارٽي آڊٽ هر سطح تي يقيني بڻائي وڃي. فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ جاري سمورن ??ڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي سمورن منصوبن کي هڪ ڇت هيٺ آندو وڃي. ايف بي آر انفورسمنٽ جو نظام بهتر ڪري اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائي. پاڪستان جي سمورن پورٽس تي ڪسٽمز آپريشنز کي شفاف ۽ ڪرپشن فري بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا وڃن. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ڪسٽمز آپريشنز ۾ ايندڙ سموريون غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪي??ن وڃن. ڪسٽمز ڊيوٽي جي ڀرپور نفاذ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت ۽ اوزارن ??و استعمال ڪيو وڃي. ڪسٽمز جي نظام ۾ سڌارن ??ي حوالي سان جاري منصوبي جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ جو فوري قيام عمل ۾ آندو وڃي. مس انوائسنگ جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن. پاڪستان جي صنعتن ۽ مصنوعات کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ انڊر انوائسنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته انفورسمنٽ جي ذريعي ڪيترو روينيو گڏ ٿيو، ان جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو وڃي. شپنگ جي شعبي جي آپريشنز جي حوالي سان ريگيوليٽري فريم ورڪ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. ڪسٽمز جي ويب بيسڊ ون ڪسٽمز سسٽم جي ٿ??ڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي. اجلاس کي پاڪستان ڪسٽمز جي ??عا??لن ۽ سڌارن ??ي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪسٽمز جا ??عا??لا مڪمل طور تي خودڪار نظام تي منتقل ڪيا ويا آهن. ڪسٽمز نظام ۾ سڌارن ??ي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن ??ون خدمتون حاصل ڪي??ن ويون آهن. انهن سڌارن ??ي ذريعي نئون سسٽم آندو ويندو جيڪو جديد ترين مصنوعي ذهانت تي ٻڌل هوندو. 24 – 2023ع ۾ درآمدات ۽ برآمدات جو 72.4 سيڪڙو حصو گرين چينل کان ڪليئر ڪيو ويو. جولاءِ 2023ع کان جون 2024ع تائين پاڪستان ڪسٽمز ويليوايشن ڪنٽرولز جي ذريعي 240 ارب رپين جو اضافي روينيو حاصل ڪيو جيڪو گذريل سال کان 80 سيڪڙو وڌيڪ آهي.