اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان ??قابلو ڪندي شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جهڙن بهادر پٽن تي پاڪستان کي فخر آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بهادري سان ??ڙهندي پنهنجي جان ??طن تان ??ڇاور ڪئي، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جان ڏئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ??يو ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جهڙا پٽ پاڪستان جو فخر آهن، قوم پنهنجي بهادر شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جي قرباني کي هم??شه ياد رکندي، سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي. وفاقي وزير شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.