اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقاف?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جمهوريت جي مضبوطي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته صحافين سان اسان جو تمام مضبوط تعلق آهي، اطلاعا?? واري وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، انهن جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين، صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي لاءِ اطلاعا?? وارن چئني صوبائي وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو، ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضروري آهي، هتڪ عزت قانون تي اڃان تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي، صحافتي تنظيمون ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي ضروري عمل آهي ان کي يقيني بڻايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ??ال??ائيندي اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته صحافين سان منهنجو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، جڏهن پارليامينٽ جا دروازا اسان جي لاءِ بند هئا ته ان مشڪل دور ۾ به صحافين نه رڳو اسان جا حوصلا وڌايا پر اسان جو آواز عوام تائين پهچايو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي، صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جو اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته صحافين سان ويجهو رابطو رهي، جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي ڪ?? مسئلو درپيش اچي ٿو ته ان جو بنا ڪنهن فرق جي نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ اطلاعا?? واري وزارت پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي جي حوالي سان ??ال??ائيندي وفاقي وزير چيو ته صحافين کي بجيٽ ڪتابن جي فراهمي ضروري عمل آهي، بجيٽ ڪتاب ??ال?? کان صحافين کي فراهم ڪيا ويندا رهيا آهن، ڪنهن به بجيٽ ۾ اهو مسئلو درپيش نه آيو. هن ڀيري ان حوالي سان ڪميونيڪشن ۽ ڪوآرڊينيشن جا مسئلا پيش آيا آهن جنهن تي ناڻي واري وزارت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽري سان ??ال??ه ڪئي ويندي ۽ صحافين کي بجيٽ ڪتاب جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته اڄ صحافين کي ان مسئلي تي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو جنهن تي مون کي افسوس آهي، آئون بطور اطلاعا?? وارو وزير توهان جي وچ ۾ موجود آهيان ۽ صحافين سان فرنٽ لائين تي بيٺل آهيان، اطلاعا?? واري وزارت جا دروازا 24 ڪلاڪ توهان جي لاءِ کليل آهن، توهان جا مسئلا فوري حل ڪيا ويندا، منهنجي توهان کي درخواست آهي ته واڪ آئوٽ ختم ڪري واپس اچو. صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي حوالي سان ??ال??ائيندي اطلاعا?? واري وزير چيو ته انهن ڪيسز ۾ اڪثر صوبائي معاملا آهن، 18 هين ترم??م کانپوءِ اهي معاملا صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن، ان ڏس ۾ چئني اطلاعا?? وارن صوبائي وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو ۽ هڪ مڪينزم تيار ڪيو ويندو ۽ ان معاملي تي ڪ??يٽي جوڙي ويندي جنهن کي نوٽيفائي ڪ??و ويندو. هتڪ عزت قانون جي حوالي سان ??ال??ائيندي هن چيو ته اسان جي ملڪ مان وڏا ميڊيا هائوسز به هڪ ٻئي جي خلاف هتڪ عزت ڪيسز جي لاءِ برطانيا وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ هتڪ عزت قانون تي صحيح طريقي سان عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون جي حوالي سان صحافتي تنظيمون پنهنجون تجويزون ڏين، انهن تي پنجاب حڪومت سان ??ال??ه ڪئي ويندي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون سڀني جي لاءِ آهي، اهو رڳو رياستي ادارن ۽ حڪومتن جي لاءِ نه آهي. هن چيو ته ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي ته هو هتڪ عزت تي عدالت سان رجوع ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتون ۽ قانون موجود آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪ?? الزام لڳي ٿو ته ان کي عدالت ۾ ثابت ٿيڻ گهرجي، اهونه ٿيڻ گهرجي ته ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو وڃي. اطلاعا?? واري وزير چيو ته ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي، ان حوالي سان صحايفن سان گڏجي ويهي ??ال??ه ڪئي ويندي. هن چيو ته ان معاملن تي وڏي پئماني تي مشاورت ۽ حڪمت عملي ضروري آهي، صحافي هتڪ عزت بل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪن، اسان پنجاب حڪومت سان ??ال??ه ڪنداسين. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت ??ال??ائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي ادائگي ۾ دير جهڙن مسئلن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، ان حوالي سان پي بي اي ۽ اي پي اين ايس ??ال??ه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي رهتن جي ادائيگي تي اسان جو فوڪس آهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين. بعد ۾ صحافين اطلاعا?? واري وفاقي وزير جي خاطري تي قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ختم ڪري ڇڏيو.