پشاور -01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي گذريل رات دهشتگردن راڪيٽ لانچرن ۽ وڏن ڳرن هٿيارن سا?? حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي ا??لڪ??ر شهيد ٿي ويا. ڊي پي او خيبر سليم عباس ڪلاچي چيو ته پوليس جا جوان اڳ ئي الرٽ هئا، هن چيو ته ٻنهي تخته بيگ ۽ نواب شاهه شهيد چوڪين جي ا??لڪ??رن همت ۽ بهادري سا?? مقابلو ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جو اطلاع ملندي ئي خيبر پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپر??شن شروع ڪيو.