اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته آءِ ايم ايف مش?? ۽ ??اڪ??تا??ي عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي ??سٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف مشن جي پاڪ??تا?? جي دوري جي تڪميل تي مشن جي چيف نٿن پورٽر طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چئي وئي آهي. آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ??تا??ي عملدارن جي درخواست تي ??المي مالياتي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪ??تا?? جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪ??تا?? جي اندروني اقتصادي پروگرام جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ آءِ ايم ايف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي مدد تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي ??المي مالياتي فنڊ ۽پاڪ??تا??ي عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن جي پروگرام تي ??سٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي مدد تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ??تا?? جي سڌارن واري پروگرام جو مقصد ملڪ کي معاشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ پاڪ??تا??ي انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي موزونيت لاءِ خرچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي محصولن ۾ اضافو ۽ عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪ??تا?? ??ي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪ??ڻ لاءِ سڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي واڌ طرف اڳڀرائي جاري رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف مش?? ۽ ??اڪ??تا?? جا عملدار ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪ??تا?? جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي مدد تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جاري رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ايم ايف جي ٽيم مشن جي دوري دوران نتيجا ڏيندڙ ڳالهي?? ۽ ??همانوازي تي پاڪ??تا??ي عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي ??صيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.