اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪ??نسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي ??روغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ??ه بوسنيا هرزيگوينا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ??ه ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ??ه سندس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪ??روبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي ??نگ دوران بوسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ??ه پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي ??ضبوط ڪري سگهجي.