اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ خاص طور تي و??پار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن، پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽ?? ۽ ??رٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزيرا??ظم کي ڪوريا جي قيادت پاران ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم ڏکڻ ڪوريا جي قيادت جي مبارڪباد واري پيغام جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خاص طور تي و??پار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن 1960ع جي ڏهاڪي جي شروع کان ئي اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون جي شروعات ڪئي. وزيرا??ظم ڏکڻ ڪوريا جي معيشت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رونما ٿيندڙ نمايان تبديلي کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا جي صنعت، خاص طور تي ننڍي پئماني جي صنعت جي شعبي جي ترقي، آءِ ٽي شعبي بشمول آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي تجربي مان سکڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم ڪوريا جي انساني و??يلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافي جي آڇ پڻ ڪئي. گڏيل طور تي فائديمند واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن سيول ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ان حوالي سان وزيرا??ظم چيو ته هو ڪابينا جي لاڳاپيل وزيرن کي ڪوريا جي ڪمپنين پاران موجوده سيڙپڪاري سان گڏوگڏ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڪوريا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزيرا??ظم صدر يون سڪ يول کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ ڪوريا جي حڪومت جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ??اص طور تي و??پار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، ثقا??ت، سياحت ۽ عوامي رابطن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.