اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، غيرانساني ??ملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ گڏيل قدرن تي حملو آهي، اهو واقعو پاڪ چين دوستي جي دشمنن پاران ترتيب ڏنو ويو هو. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري چين جي سفارتخاني ??ي دوري جي موقعي تي ڪيو. چيني ??فير جيانگ زائيڊونگ سفارتخاني ??چڻ تي صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. ص??ر جو بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني ??هرين جي مارجڻ تي پاڪستاني ??ڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني قوم چيني ??وام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني ??وام چيني ??وام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته دشمن اهو قبول ن?? ٿا ڪري سگهن ته پاڪ چين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، بي رحماڻي فعل ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ??هرين جي سيڪيورٽي يقيني ??ڻائڻ جي لا??ِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. چيني ??فير تعزيت جي لاءِ ذاتي طور تي سفارتخاني ??و دورو ڪرڻ تي ص??ر جا ٿورا مڃيا. چيني ??فير دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ تي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. چيني ??فير جو پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن جي لاءِ حمايت جاري رکڻ جي چيني ??زم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته زندگي جي سمورن شعبن سان ??عل?? رکندڙ پاڪستانين دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته چيني ڪارڪنن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.