اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي اسلام آباد ۾ روسي فيڊريشن جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ?? ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي ۾ قتلام تي پاڪستان پاران روسي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪ??اب تي پنهنجا تاثر لکندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران ماسڪو ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ??و ورجاءُ ڪيو ۽ قومي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ روس سان يڪجه??ي جو اظهار ڪيو.