اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن ج?? موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڙپڪاري، نجڪار?? ۽ ??لڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو و??و. ڪميٽي وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم مح??د شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن ج?? لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون ج?? خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان ج?? حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ مح??وظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آه?? ۽ ??لڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.