اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پول??گ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپر جي استعمال جي حوالي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پول??گ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل امي??وا?? جي نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل امي??وا?? جي نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.