اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل جي ??خصوص سيٽن جي حوالي سان ??عا??لو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري ??و اليڪشن ڪميشن جي ??يصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي ??وٽيفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿ??ڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري ??قطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ??يمبر جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري ??قطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ??و ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ??وٽيفڪيشن کان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي ??خوصوص سيٽن جي حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي ??ارٽي جي ??ورم تان اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪمي??ن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪمي??ن سان رابطو ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي ??يصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.