لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نئون ديرو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جيالن اتي بلاول ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ??رکا ڪري سندس آجيان ڪئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد مي??يا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪرن جيڪو ووٽ انهن جي طاقت آهي ان جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي ??ٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل سروس بند ٿيڻ سان پوري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پو??نگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي ??ارم 45 لاءِ ويهندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پهچڻ ۾ دير ٿيندي جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿيندو. هن چيو ته موبائيل سروس بند ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿينديون، سيڪيورٽي جي ??حاظ سان جمهوريت جي ??الي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل سروس کي في الفور بحال ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڪستان جي عوام جو بنيادي آهي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضروري ڪامياب ٿيندي. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آمد جي ??وقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي ??ختلف هنڌن تي لڳايل پو??نگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيالن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.