اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بني??دن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي اس??حڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ب??اد??ي کي سموريون سهولتون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا م??يا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي بني??دن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي اس??حڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ب??اد??ي کي سموريون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي درپيش مسئلن جي ترجيحي بني??دن تي حل تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ ترجيحي بني??دن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.