اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فلاحي منصوبن جي لاءِ حڪومت پاران يوني??يف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي ج??يد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخ??اه?? ??هٽ??ائي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يوني??يف جي نمائندي عبدالله فاضل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عبدالله فاضل نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ يوني??يف جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ يوني??يف تحت سڄي پاڪستان ۾ امداد، صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. نگران وزيراعظم عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي ڪامياب منصوبا ٺاهڻ تي يوني??يف پاڪستان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ يوني??يف جي ڪردار کي خصوصي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ يون??يف جهڙن ادارن جي گڏيل تعاون سان ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي بابت عوامي روين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. نگران وزيراعظم تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀلائي منصوبا ٺاهڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جو يون??يف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاران ش??يد تنقيد جي باوجود يوني??يف جو آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي لاءِ قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. نگران وزيراعظم عبدالله فاضل کي پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن يوني??يف پاران ملڪ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي قدمن جي حمايت به ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس جي مدد سان ج??يد ترين معلومات تائين پهچ ڏياري ملڪ ۾ ناخواندگي ۾ خاطرخ??اه?? ??هٽ??ائي آڻي سگهجي ٿي. يوني??يف پاران نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي منصوبن لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.